شاهه محمد گاڏهي بلوچ

شاهه محمد گاڏهي بلوچ

شاهه محمد گاڏهي بلوچ

شاهه محمد ’گاڏهي‘ بلوچ: ليکڪ، لائبرريئن ۽ پبلشر شاهه محمد ولد محمد بچل گاڏهي بلوچ 3 مئي 1939ع تي ڳوٺ مڏباهو، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي سنڌي ۽ MLIS (لائبرري سائنس) آهي. ڪجهه عرصو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبرري ۾ ملازمت ڪئي. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوڪري ڇڏي تعليم کاتي ۾ لائبرريئن مقرر ٿيو. ملازمت دؤران حيدرآباد، سکر، ٽنڊي محمد خان ۽ هالا ۾ به رهيو. 3 مئي 1999ع تي گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان رٽائرڊ ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”لائبريري سائنس جي تعليم“ (جلد پھريون: 1984ع ۽ جلد ٻيو: 1987ع)، ”ڪتبخانن جو انتظام“ (1985ع)، ”حيات قلندر رحمة الله عليه“ (1986ع)، ”تقرير جو فن“ (1988ع)، ”ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ لائبريرين شپ“ (1990ع)، ”محبوب سروري بحيثيت نثر نويس“ (1992ع)، ”ڪلام محبوب سروري“ (1992ع)، ”ڊاڪٽر محمد علي قاضي تحريرن جي آئيني ۾“ (1995ع)، ”عڪس جمال مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم“ (1997ع)، ”لائبريري سائنس جي ببليوگرافي 1901ع کان 1995ع تائين“ (1999ع)، ”ڊڪشنري آف لائبريري سائنس“ (انگريزي، سنڌي ۽ اردو: 2000ع)، ”وڏن ماڻهن جو عشق“ (2003ع)، ”سيرت ڪوئز“ (2004ع)، ”مسلمان قبيلن جو مختصر تاريخي ۽ روايتي خاڪو“ (2004ع)، ”تاريخ ڪڇ ۽ مڪران“ (2005ع)، ”گاڏهي قبيلي جي مختصر تاريخ“ (2019ع)، ”مبارڪ خواب خوش نصيبن جا“ (2022ع)، ”سنڌ صوبي جو گزيٽيئر لاڙڪاڻو ضلعو“ (2022ع) ۽ ”طالب الموليٰ جا خط بنام محبوب سروري“ شامل آهن. شاهه محمد گاڏهيءَ 1984ع ۾ ’گلشن پبليڪيشن“ قائم ڪري ڪجهه ڪتاب شايع ڪيا ۽ 1996ع ۾ ”سنڌ ڪاليج لائبرري ايسوسيئيشن“ جو به بنياد رکيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.05.03  عيسوي

ليکڪ، لائبرريئن ۽ پبلشر شاهه محمد ولد محمد بچل گاڏهي بلوچ 3 مئي 1939ع تي ڳوٺ مڏباهو، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شير محمد مري
ڀولو پهلوان
دريا خان راڄپر
بوعلي قلندر شيخ
پير مٺا سائين حضرت خواجه محمد عبدالغفار
ھدايت الله پريم آخوند ڊاڪٽر
بانو محبوب
راجڪمار هيراڻي
شيخ مبارڪ ريلي سيوستاني
برڪت علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون